جوڻيجو سلطان احمد ڊاڪٽر

جوڻيجو، سلطان احمد، ڊاڪٽر: بدين جو مشهور سياستدان، سماجي ڪارڪن ۽ هوميوپيٿيءَ جو ڊاڪٽر، سلطان احمد 17 ڊسمبر 1900ع ۾ ڳوٺ پير فتح شاهه، تعلقي بدين ۾ ڄائو هو. سندس والد حيدر خان جوڻيجو هڪ سکيو ستابو زميندار هو، تنهن هن کي سنڌي، پارسي، انگريزي ۽ اردوءَ جي تعليم ڏياري. جوڻيجي صاحب جا وڏا اصل ٺٽي ضلعي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ رهندا هئا. ميرن جي حڪومت واري زماني ۾ سندس ڏاڏو رئيس جمعو خان پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان لڏي بدين تعلقي جي ڳوٺ پير فتح شاهه جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جتي پاڻ اڃا تائين پنهنجي ڪڙم سميت آباد آهي. سلطان احمد خان جو پيءُ مرحوم حيدر خان انگريزن جي حڪومت ۾ روينيو مختيار هو. 23 سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 1904ع ۾ نوڪري تان استعيفيٰ ڏيئي اچي پنهنجي زمين سنڀاليائين. هن جو بدين جي سياست ۾ سرگرم حصو رهيو آهي. 1929ع ۾ بدين تعلقي جي لوڪل بورڊ جو ميمبر منتخب ٿيو. سن 1933ع کان 1935ع تائين تعلقي لوڪل بورڊ جو صدر رهيو. تنهن کان پوءِ ضلعي لوڪل بورڊ جي چونڊ وڙهيو. 1937ع کان 1940ع تائين حيدرآباد ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر رهيو. وري 1957ع کان 1958ع تائين ضلعي لوڪل بورڊ لاءِ چونڊيو ويو. ساڳئي وقت 1946ع کان 1960ع تائين بدين جي سينٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمئن به رهيو. اهڙيءَ طرح ايوب خان جي صدارت جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ 1960ع کان 1963ع تائين بدين شهر جي ٽائون ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. ساڳيءَ ڪميٽيءَ جو 1963ع کان 1966ع تائين چيئرمئن ٿيو. جوڻيجي صاحب تعليمي ڪمن ۾ خاص دلچسپي ورتي، سندس ڪوشش سان بدين شهر ۾ سن 1933ع ۾ انگريزي تعليم جا ڪلاس شروع ٿيا. ڪجهه وقت کان پوءِ اهي ڪلاس سندس ڪوشش سان ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي حوالي ٿيا، جن کي نيٺ هاءِ اسڪول ۾ تبديل ڪيو ويو. هن ڪوشش ڪري پنهنجي ذات مان سماجي براين گهٽائڻ لاءِ ڪمر ڪشي ڪئي. کيس شاعري ڪرڻ جو به شوق هو. هن سنڌي ۽ اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي. جوڻيجي صاحب جي دوستن جو حلقو گهڻو وڏو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو